ثمينه وقار

ثمينه وقار

ثمينه وقار

ثمينه وقار: ثمينه وقار 25 فيبروري 1960ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. فلاسافيءَ ۾ ايم. اي ڪيائين،. ان کان سواءِ نئشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۽ نئشنل ڊفينس يونيورسٽي، اسلام آباد مان مختلف فني ۽ تربيتي ڪورس ڪيا. 1985ع کان 1986ع تائين سول سروسز اڪيڊمي لاهور، 1986ع کان 1987ع تائين انفارميشن ســروســـز اڪـيـڊمــي، 1987ع ۾ سيڪريٽريٽ ٽريننگ انسٽيٽيوٽ، 16 اپريل 1995ع کان 11 مئي 1995ع تائين ڪراچيءَ مان فائننشل مئنيجمينٽ جا ڪورس پڻ مڪمل ڪيا. هن مختلف وقتن تي جدا جدا سرڪاري عھدن تي ڪم ڪيو آهي. 1987ع کان 1988ع تائين پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (P.I.D) ڪراچيءَ ۾ انفارميشن آفيسر طور ڪم ڪيو. 1989ع کان 1992ع تائين پاڪستان نئشنل سينٽر حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر طور ۽ 1992ع تائين پي. آءِ. ڊي حيدرآباد ۾ انفارميشن آفيسر جي عھدي تي ڪم ڪيائين. نومبر 1998ع کان مارچ 1999ع تائين پي. آءِ. ڊي ڪراچيءَ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عھدي تي رهي. 15 مارچ 1999ع ۾ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ٿي. صدر، پاڪستان جي پريس سيڪريٽري رهڻ کانسواءِ نئشنل ڪميشن فار هيومن ڊيولپمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل، سنگاپور ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي پريس ۽ ثقافتي ڪائونسلر، هائير ايڊيوڪيشن ڪميشن ۽ نئشنل هاءِ- وي اٿارٽي جي ميڊيائي صلاحڪار ۽ ڊائريڪٽر رهي. سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري، حيدرآباد، پاڪستان ٽيليويزن ڪوآپريشن، شاليمار رڪارڊنگ ڪمپني ۽ نئشنل ڪميشن فار هيومن ڊيولپمينٽ (NCHD) جي صلاحڪاري بورڊ جي ميمبر پڻ رهي. ثمينه وقار ماهوار نئين زندگيءَ کي نئين انداز ۾ شايع ڪرڻ سان گڏوگڏ ”نئين زندگي گولڊن جوبلي سيمينار“ ۽ ”سنڌي مشاعري“ جھڙا پروگرام منعقد ڪرايا. ”نئين زندگي“ (رسالي) کانسواءِ ”ماههِ نو“ (مئگزين) ۽ ”پاڪ- جمهوريه“ (مخزن) جي به ايڊيٽر رهي. هي 34 سالن جي طويل عرصي تائين اطلاعات کاتي، حڪومت پاڪستان ۾ خدمتون ادا ڪرڻ بعد 25 فيبروري 2020ع تي رٽائرڊ ٿي.


لفظ ثمينه وقارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.02.25  عيسوي

ثمينه وقار 25 فيبروري 1960ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جتوئي غلام مجتبيٰ خان
انيتا شاهه
جعفر خان کوسو
سر وليم جونز
جتوئي غلام رسول خان
پليجو غلام قادر
سرفراز ڪلهوڙو
فدا سرهيو
ترخان مرزا غازي بيگ
ڄام صادق علي (سياستدان )
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون